ستهه وارو دڙو

ستهه وارو دڙو (ماڳ): هي دڙو ديھه کهياري، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي. ھي ماڳ ستهه واري ويريءَ ۾ ھڪ وڏو ڀڙو ھوندو ھو، جنھن جو گھڻو حصو هينئر آباديءَ ھيٺ اچي ويو آھي. ھاڻي فقط پنجن ڇھن ايڪڙن تي وڏو ٺڪراٺو موجود آھي. ٺڪراٺو سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جھڙو آھي. هتان پوئين دور جو ٺڪراٺو به ملي ٿو، جيڪو صفا مٿاڇري تي موجود آھي. ڪجهه سال اڳ ھن ڀڙي جي ڀرسان ھڪ ھڏائون پڃرو لڌو ويو ھو. ھارين جي چوڻ موجب اھو پڃرو عام ماڻھوءَ جي پڃري کان ڪي قدر وڏو ھو. ھتان ڪجھه ٺڪر جا مٽ به ھٿ آيا. چٽيل ٺڪريون به مليون آھن. ھن ماڳ جي کوٽائي ٿيل ڪانه آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو